جلال محمد هالائي مخدوم

جلال محمد هالائي مخدوم: مخدوم جلال محمد هالائي، مخدوم نوح جي پٽن مان هڪ بزرگ ٿي گذريو آهي، مخدوم جلال بابت تحفته الڪرام جو مصنف لکي ٿو ته: ”مخدوم جلال بزرگي، معروف محاسن ۽ بيشمار ڪمالات جو ماهر هو“. مخدوم جلال محمد عرف ’جنگ جلال‘ وڏي جاهه و جلال ۽ رعب تاب وارو بزرگ هو، سندس نالو جلال محمد هو، پر عام طرح جنگ جلال جي نالي مشهور ٿيو، انهي ڪري سندس اولاد پاڻ کي ’جلالي پير‘ سڏرائيندو آهي. دليل الذاڪرين جو مصنف لکي ٿو ته: ”هڪ دفعي هڪ ماڻهوءَ تي ٺٽي جي گورنر شاد خان ڳرو ڏنڊ وڌو، اهو ماڻهو ڏنڊ گهٽ ڪرائڻ لاءِ مخدوم جلال محمد کي ٺٽي جي گورنر ڏانهن وٺي ويو، مگر شاد خان مخدوم صاحب جو چوڻ نه ڪيو جنهن تي مخدوم صاحب فرمايو ته هي ماڻهو سنڌ جي حڪومت جي لائق نه آهي تنهنڪري هن کي بدلي ڪري سندس جاءِ تي سيد امير خان (ابو البقا امير خان) کي گهرايو وڃي. مخدوم جلال جي انهيءَ گفتگو کان پوءِ ستت ئي شاد خان جي بدلي ٿي ۽ ٺٽي تي امير خان مقرر ٿيو.

مخدوم جلال محمد جي ولادت ۽ وصال جون تاريخون ملي نه سگهيون آهن، پر پاڻ 1642ع تائين جيئرو هو. وفات کانپوءِ کيس پنهنجي والد غوث الحق مخدوم نوح جي درگاهه ۾ دفنايو ويو. جڏهن درياهه اٿلڻ سبب مزارون لڏائي موجوده هنڌ هالا نوان ۾ درگاهه قائم ڪئي وئي ته مخدوم جلال کي مخدوم نعمت الله واريءَ چوڪنڊي ۾ دفنايو ويو جتي اڄ به سندن مزار موجود آهي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو